Sunday, July 16, 2017

Saturday, July 15, 2017

سنڌي سڀ ڌاڙيل

سنڌي سڀ ڌاڙيل

اسان سنڌين پنهنجي قوم جِي سُڃاڻپ دُنيا آڏو ڪرائي آهي ته اسان سنڌي ڌاڙيل، چور، اغوا ڪندڙ، لوڦر، ڳاڙهي ٻوڙ تي پلجندڙ گارڊ آهيون..
يقين نٿو اچيوَ ته تاريخِ قريب جا پَنا اُٿلائي ڏِسو، توهان کي پرو چانڊيو تي ٺهيل فلم ملندي، علي گوهر تي ٺهيل فلم ملندي، مُحب شيديءَ تي ٺهيل فلم ملندي، آچر ڌاڙيل نالي فلم ملندي. پر ”آسُو ٻائي“ ۽ اهڙن ٻين ڪردارن تي ٺهيل فلم نه ملندي، ڊرامن ۾ ڏِسو KTN تي اڪثر ڊرامن ۾ توهان کي بندوقن وارا
سنڌي (ڌاڙيل) نظر ايندا.. حال ۾ ٺهندڙ ڊرامن تي نظر وِجھو! ”ڪنڊن جي سيج“ سميت جيڪي به ڊراما هلن ٿا سڀئي فُضُول ڌاڙيل ڪلچر کي پروموٽ پيا ڪَن ۽ اِهو پيغام ڏين پيا ته ”اجھو ڏِسو!! اسان سِنڌي ڌاڙيل آهيون! ڪچي جو دلاور پنجاھ کان مٿي خون ڪندڙ آهي! “ فلاڻو خان هيترا سئو خون ڪري گلو کولي ائين پيو هلي ڄڻ پِڻس جِي بادشاهِي هُجي. الف خان جِي غيرت جو مقابلو سِنڌ جو ڪوبه نٿو ڪري سگھي ! جنهن پنهنجيون ست ڀيڻون، پنج ماسات ۽ ٽي سئوٽ غيرت ۾ ڪاري ڪري ماري ڇڏيون... بي خان جِي رپيٽر کان ڪوبه شڪار بچي ناهي سگھيو! هِن جو ڌَڪِيل اوٻاسي ئي هڪڙي ڏيندو آ!!. وغيره وغيره... 
سڀ جو سڀ اِهو پيغام پيا ڏين ته اسان سنڌي ڌاڙيل، چور، لوڦر، لُوسي، بي_غيرت، قاتل ۽ بدمعاش آهيون... 
اڃا به يقين نٿو اچيوَ ؟؟ چڱو ٺيڪ آ.. هيئن ڪريو! پاڪستاني فلم “ڪراچي سي لاهور تڪ“ ڏِسو، جنهن ۾ سِنڌي ڪيئن ڏيکاريو ويو آهي..! انڊيا جِي اداڪار ارشد وارثيءَ جِي فلم ”ويلڪم ٽُو ڪراچي“ ڏِسو! جنهن ۾ سِنڌ جي پوليس ۽ سِنڌيءَ کي ڪيئن پيش ڪيو ويو آهي..! توهان ڏِسي خوش ٿيندا ته اسان سنڌي انڊيا جي فلمن ۾ به اچڻ لڳا آهيون..! پر شرم و غيرت هُوندوَ نه ته نَڪ ۾ نَٿَ وِجھي ويهڻ بدران اهڙيون فلمون ۽ ڊراما بند ڪرائيندا...
چڱو! هاڻ نئين ايندڙ انڊين فلم ”مداري“ جنهن ۾ عرفان خان کي سِنڌِي اجرڪ ۽ پٽڪو پاتل آهي، توهان خوش ٿيندا ته انڊيا وارا اسان سنڌين کي هڪ اغوا ڪندڙ طور دُنيا آڏو پيش پيا ڪَن.. 
ڪهڙا سُور روئان منهنجا سائين..! هِتي اسان سنڌين کي بندوقون هٿن ۾ ڏيڻ وارو هِي اسان جو ڄَٽ سِنڌي ڊائريڪٽر آهي!! اسان جي سنڌي نياڻين کي غيرت ۾ ڪاري ڪري مارائڻ وارو به ساڳيو ئي ڊائريڪٽر آهي..! 
افسوس صد افسوس ته اسان وٽ تعليم نه هئڻ ڪري اسان ماٺ ميٺ ۾ فيسبوڪ تي شاعري ۽ ڪهاڻيون پيا لکون ۽ پڙهون.. اسان جو ضمير شايد موهن جي دڙي جي ثقافت سان گڏ سڙي ختم ٿي چُڪو آهي.. جيڪڏهن اڄ به نه اُٿياسين ته شايد اسان هاڻ ٻيهر مُئن جو دڙو بڻجي وينداسي..

Friday, July 14, 2017

جڌهن سنڌي ڪهاڻي کي گولي لڳي!

جڌهن سنڌي ڪهاڻي کي گولي لڳي!

افسانوي ادب تي سنڌ ۾ جيڪا ڇاپ نسيم کرل ڇڏي ويو، ان کي ايستائين ڪو ليکڪ مٽائي نه سگهيو آهي، نسيم کرل کي ئي 14 جولاءِ 1078ع تي گولي نه لڳي هئي پر اها گولي ڄڻ ته سنڌي ڪهاڻي کي لڳي هئي، نسيم کرل 29 جون 1938ع تي خيرپور جي ڳوٺ حاجي عبدالڪريم کرل ۾ جنم ورتو، سندس خاندان جو واسطو پنجاب جي گوگيرا واري علائقي سا هو، احمد خان کرل جي شهادت کانپوءِ جڏهن کرل قبيلي جا ماڻهوڪمزور ٿيا هئا، تڏهن انهن لڏپلاڻ ڪئي ان ڪر۾ جا ڪيترائي ماڻهو افقانستان ۽ ٻين ملڪن ڏانهن لڏپلاڻ ڪري ويا، ڪجهه اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا، خيرپور واري علائقي ۾ آباد ٿيندڙ نسيم احمد کرل جي خاندان سنڌ ۾ رهندي سنڌي زبان ۽ ثقافت کي اپنايو، نسيم جو والد عبدالڪريم کرل فارسي ٻولي ۾ شاعري ڪندو هو، نسيم تعليمي سفر دوران ئي ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون، ڪراچي ۾ پڙهندي جڏهن هن ذهن جي صحن ۾ علم جا علم پئي کوڙيا، تڏهن هن پهرين ڪهاڻي لکي هئي، اهو 1955ع وارو زمانو هو، سندس پهرين ڪهاڻي "مهمان" نئين زندگي رسالي ۾ ضايع ٿي، هن مختلف ڪهاڻين جا ترجما به ڪيا، ان کانپوءِ جڏهن قارق اشرف "سهڻي" رساليو شايع ڪيو ته هن اُن ۾ لکڻ شروع ڪيو نسيم کرل جي ڪهاڻي "ڪافر" جڏهن ڇپي هئي ته ان سنڌ ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو هو، ادبي حلقن ۾ جتي ان ڪهاڻي کي مڃتا ملي اتي وري ڪيترن ماڻهن ان تي اعتراض به واريا، هي اها ئي ڪهاڻي هئي جنهن لاءِ مشهور ليکڪ احمد نديم قاسمي چيو هو ته "ڪاش! آئون ڪجهه نه لکان ها صرف ڪهاڻي 'ڪافر' لکان ها" ان کانپوءِ نسيم مسلسل لکندو رهيو نسيم جون ڪهاڻيون "سهڻي" ۾ شايع ٿينديون رهيون. 1978ع ۾ هن جو ڪتاب "شبنم شبنم" "ڪنول ڪونل" شايع ٿيو. هن جي ڪهاڻي .چوٽيهون در. پڻ وڏي مڃتا ماڻي، اها ڪهاڻي پوليس جي لاپرواهي واري ڪردار تي آهي، نسيم مٽي سان محبت ڪندڙ ليکڪ هو ۽ جن اديبن جي دل ۾ مٽي جي محبت هوندي آهي، اهي ئي پنهنجي ڌرتي جي خوبين ۽ خامين تي قلم کڻندا آهن، هڪ وڏيرو هوندي به هن بااثر زميندارن ۽ وڏيرن جي سازشن ۽ ظلمن تي ڪهاڻيون لکيون، هن جي ڪهاڻين جي خوبي منظر تصوير جيان تري ايندو هو، اسان کان اڳ وارو نسل به نسيم کي پڙهي پنهنجو وارو وڄائي چڪو ۽ هاڻ اسين به نسيم جا افسانا پڙهون پيا. اسان کانپوءِ ايندڙ نسل به نسيم کي ضرور پڙهندو..
حبيب لغاري . حيدرآباد 

هڪ دلچسپ معلومات - سنڌ ۾ رهندڙ سنڌي قبيلا

هڪ دلچسپ معلومات
سنڌين جا قبيلا

…
سومرا , لغاري , بجير , آريسر , راهمون , ٽالپر , لوهاڻا , ڪاٺيا , جوڻيجا , سيلرا , منگي , راڄپر , سوٽهڙ , بروهي , مغيري , جاڙيجا , اڃاڻ , مهاڻا , مهر , مسڻ , ابڙا , آريجا , باريجا , مهيسر , سميجا , ساهڙ , شيخ , لنجار , لاکا , هنڱورا , درس , ڏيپر , گهانگرا , سهتا , مڱريا , مگسي , بگٽي , مشوري , چانڊيا , کوسا , سهاڳ , ماڇي , مساڻ , سولنگي , ماکيجا , ڏوڏيجا , ڏيٿا ڏنگراج , ڏهراج , ماهوٽا , چارڻ , انڍڙ , چنا , چاچڙ , پنهور , دل , راهوجا , ٻگهيا , ڀڳت , دونگها , دراوڙ , باگڙي , ڀيل , مينگهواڙ , آڱاريا , بڪڪ , برفت , بوزدار , گهانچي , پالاري , پلها , ٻرڙا , موريا , سنگهار , جت , اڍيجا , بالاچ , بڪيرا , ٻارچ , ٻارڻ , ٻئيتال , ٻاگهل , ٻاٻڙا , ٻانهيپوٽا , ٻوڙاڻا , ٻيلائي , ڀرڳڻي , ڀنڀرا , تيتري , تماچي , ٿيٻا , ٿهيم , ٽانڪ , ٽانڊائي , ٽڳڙ , کاراڻي , بجرائي , ککراڻي , ڏاهاڻي , بليدي , بڙدي , ڊومڪي , جکراڻي , ٽيمڙا , ٺارائي , پاربي , پالاري , پاريهڙي , پرهياڙ , پکالي , پترا , پسيا , پلاھ , پوجاڻي , پليجا , پيڃار , باداڻي , جانوري , جاڳا , جت , جمالي , پير , جوکيا , چانهيا , چنڊ , پيرزاده , ڪلهوڙا , مرزا , نائچ , ميراڻي , کونهاڙا , چوهاڻ , راٺوڙ , خاصخيلي , دوراڻي , پٺاڻ , دوها , جروار , ڌماچ , ڏچر , ڍومڪي , رها , رانٽا , قاضي , مخدوم , رند , روپائي , اوڳاهي , مير , رپڙ , رهبر , ڪنرائي , زئنور , زنگيجا , سانداڻي , ساند , سامي , ساٽي , سرهيا , سوڍا , سيد , سمان , سوها , بهلڪاڻي , سڱريا , سورجا , سسر , سرواڻ , شينا , شورا , شورائي , شڪاري , ڪاٺ , ٻانڀڻ , ڪاريا , ڪاتيا , ڪانڌڙا , ڪوٽائي , ڪوري , ڪڪاڻي , ڪيڙانا , بکراڻي , ڪورائي , ڪڇي , ڪنڊاها , ڪولهي , سامٽيا , ڇٽا , ڀنگر , ڪناد , ڏهر , ڪنگهاڻي , ڪلانتري , کاڙڪ , کاڙائي , کڏائي , رودناڻي , کوڏيا , کيبر , کوڙ , گگا , گندرا , گوندل , گوپانگ , گگهڙ , گهراڻا , لانگاه , لاکاٽيا , لوڍا , لوجا , لنڊ , لوهاڻا , کيمٽيا , لکياڻي , منڇر , مڱڻهار , ڏاهري , نوحپوٽا , زرداري , مري , جلباڻي , گبول , شر , عمراڻي , ڀرا , فاروقي , مهر , ڄاريڪا , مڪراني , ميراسي , مينڌرا , منڊا , ناهيجا , ناهيا , نوناري , نهڙيا , نورنگزاده , آخوند , نوتقاڻي , ونگرا , هاليپوٽا , هالاڙي , آمڙا , اوٺا , بگهياڙ , ارباب , جعفري , اوڀاڙا , آڀيم , اوگهلاڻي , انڙ , باغراڻي , باندق , بوبڪ , بنواري , ببواڻي , بابوشاهي , اوڍيجا , بڍاڻي , بنساري , بهم , ٻاگل , ٻارڻ , ترڪ , ٻاٻڙا , ٻرڙا , ٻجوارا , ٻوڙاڻا , ڀان , ڀٽا , ڀنڊ , ڪولاچي , ملڪاڻي , تارڙا, تتري , سبزوئي , ٽنگر , ٽويا , ٽانڊائي , مانجهي , پيرهڙي , پتوجا , تيغاڻي , پاتڻي , پسيا , پليپوٽا , پير , پرهياڙ , مهيسر , ناگوري , پارئي , سريوال , جت , جتوئي , جاداڻي , جوڳي , جنگاهي , پيچوها , جاکرا , جاڳيا , سيٺار , مرگهر , جهنڍيل , پوهاڻ , سنديلا , گهمراڻي , چالڪ , ابڙيجا , چنڊاڻي , ڇلگري , دائوداڻي , دوراڻي , دبائي , ڌانڌل , ڌڙيا , ڏچر , ٿلها , ڏڦائي , ڊاڀائي , ڊاگوري , زيند , پوريا , ٻهرام , دشتي , ڇڄڙا , سهتا , بوزدار , جيسر , گهمڻ , گجر , ڊيشڪ , رائو , سانگي , بوري , سورجا , گرگيز , لورا , واهوچا , ملاح , سخيراڻي , سوڍا , سيڪڙا , سرواڻ , سسيا , سامي , شينا , ڪناند , گهوٽا , ڪهيري , رڪ , ڪيڙانا , ڪانٿ , ڪيريا , ڪٽپر , بٽ , ڪٽوهڙ , ڪنگاڻي , چانگ , ڪوچائي , ڪوچايا , ڪوٽي , ڪانڀائي , ڪونجڙا , ڪهراڻي , ڪارڙا , ڌاريجا , سوڍر , جسڪاڻي , ڪنڊائي , ڪهيرائي , گهمرا , چنجڻي , کڏا , قاسمي , ڪاٿڙائي , زنگياڻي , گشڪوري , ڀاٽيا , گرماڻي , گڊا , خواجا , کاڏاڙ , گندرا , راهو , گوگيڙا , گهوٽا , نندواڻي , گهوٻلا , گهريائي , گهوٽ , واگهري , ٻاليشهي , گهمراهي , ڳاڙها , لونيا , لوڻيا , هنڱورجا , لوهار , لنگا , لنڍا , لڳائي , لاڻا , پسايا , مستوئي , لڙائي , ملاڻا , موراج , مچارا , منارا , مٽا , مينڌرا , ميرجت , موچي , دايا , منواڍا , پلھ , وڪيا , ولڙا , ويڄ , ولاسيا , ولهاري , هولائي , هٿيار , هيلايا , هالا , هڱورا , بشير , رانگڙ , وهڙ , ٻهريا , ڀڏالا , عالماڻي , ٿهيمور , سربازي , ٽوها , پريا , ٺاڪر , پاڏر , پاهيڙي , پرهياڙ , ڪاغزي , اوڏ , پارا , چوهاڻ , چالڪا , رستماڻي , ڌاندل , ڊهڙ , ڍينڍڙيا , ڍيرا , راڄا , جهنڊير , بزنجا , رڇا , قيصراڻي , زيند , سيکڙا , سقميجا , راجپوت , سيال , ٻپڙ , ڪاتيا , ڪنڀار , لاڙ , ڪرمتي , کهڙا , ڪيهڙ , گرگلا , کٽي , کنيرا , کتري , کلوڙ , وڳڻ , ٻائيتار , مورائي , گهنالاکا , مچولائي , منارا , نهڙيا , نوتار , واڍا , روجهاڻي , ونگائي , زهري , مينگل , گپتا , آٿلا , نوراني , اڍيجا , بدا , ويسر , بنڙا , بڪيرا , بوهڙ , ڀائل , ٽالاڻي , ڀٽي , تارڙا , دراني , ٿيٻا , ٿڙيا , ريٻاڙي , پارابي , پتافي , پولياڻي , ڪلر , خوجا , پرهياڙ , پنڀار , پڃارا , پکاڙا , اڪراڻي , جويا , وگهيا , جنڊاڙا , هاشمي , ڪوير , اوڍا , مظاري , جهولائي , عرساڻي , نون , چاوڙا , ٿريا , چيريا , ڏنور , جيلاني , ساهر , ڇڙيجا , ڇڇائي , گائينچا , چرياڻي , راشدي , ڇڇر , هليا , ڌانڌل , ڌاڙيا , ڌنڌڻ , آسواڻي , ناگراج , گهنيا , ڏچر , ڏيسرا , ڄام , رخشاڻي , کٽياڻ , راڄسي پوٽا , رٽا , رٻيسٻاڙي , پشوري , ساڙها , جاڙيجا , لاشاري , مالهي , لڪياري , گورچاڻي , سکپوريا , انصاري , سروا , لولائي , گڏاڻي , مٺياڻي , ڦلپوٽا , ڪامادي , ڪماندر , شنباڻي , شاهاڻي , جاگيراڻي , اعواڻ , ڪلادي , راهوجا , گاڏهي , نظاماڻي , ڳنڀير , ايري , سنجراڻي , کوکر , ساريا , ڍڪڻ , قريشي , وهريا , کهاوڙ , سانڀل , ميمڻ