افسانوي ادب تي سنڌ ۾ جيڪا ڇاپ نسيم کرل ڇڏي ويو، ان کي ايستائين ڪو ليکڪ مٽائي نه سگهيو آهي، نسيم کرل کي ئي 14 جولاءِ 1078ع تي گولي نه لڳي هئي پر اها گولي ڄڻ ته سنڌي ڪهاڻي کي لڳي هئي، نسيم کرل 29 جون 1938ع تي خيرپور جي ڳوٺ حاجي عبدالڪريم کرل ۾ جنم ورتو، سندس خاندان جو واسطو پنجاب جي گوگيرا واري علائقي سا هو، احمد خان کرل جي شهادت کانپوءِ جڏهن کرل قبيلي جا ماڻهوڪمزور ٿيا هئا، تڏهن انهن لڏپلاڻ ڪئي ان ڪر۾ جا ڪيترائي ماڻهو افقانستان ۽ ٻين ملڪن ڏانهن لڏپلاڻ ڪري ويا، ڪجهه اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا، خيرپور واري علائقي ۾ آباد ٿيندڙ نسيم احمد کرل جي خاندان سنڌ ۾ رهندي سنڌي زبان ۽ ثقافت کي اپنايو، نسيم جو والد عبدالڪريم کرل فارسي ٻولي ۾ شاعري ڪندو هو، نسيم تعليمي سفر دوران ئي ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون، ڪراچي ۾ پڙهندي جڏهن هن ذهن جي صحن ۾ علم جا علم پئي کوڙيا، تڏهن هن پهرين ڪهاڻي لکي هئي، اهو 1955ع وارو زمانو هو، سندس پهرين ڪهاڻي "مهمان" نئين زندگي رسالي ۾ ضايع ٿي، هن مختلف ڪهاڻين جا ترجما به ڪيا، ان کانپوءِ جڏهن قارق اشرف "سهڻي" رساليو شايع ڪيو ته هن اُن ۾ لکڻ شروع ڪيو نسيم کرل جي ڪهاڻي "ڪافر" جڏهن ڇپي هئي ته ان سنڌ ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو هو، ادبي حلقن ۾ جتي ان ڪهاڻي کي مڃتا ملي اتي وري ڪيترن ماڻهن ان تي اعتراض به واريا، هي اها ئي ڪهاڻي هئي جنهن لاءِ مشهور ليکڪ احمد نديم قاسمي چيو هو ته "ڪاش! آئون ڪجهه نه لکان ها صرف ڪهاڻي 'ڪافر' لکان ها" ان کانپوءِ نسيم مسلسل لکندو رهيو نسيم جون ڪهاڻيون "سهڻي" ۾ شايع ٿينديون رهيون. 1978ع ۾ هن جو ڪتاب "شبنم شبنم" "ڪنول ڪونل" شايع ٿيو. هن جي ڪهاڻي .چوٽيهون در. پڻ وڏي مڃتا ماڻي، اها ڪهاڻي پوليس جي لاپرواهي واري ڪردار تي آهي، نسيم مٽي سان محبت ڪندڙ ليکڪ هو ۽ جن اديبن جي دل ۾ مٽي جي محبت هوندي آهي، اهي ئي پنهنجي ڌرتي جي خوبين ۽ خامين تي قلم کڻندا آهن، هڪ وڏيرو هوندي به هن بااثر زميندارن ۽ وڏيرن جي سازشن ۽ ظلمن تي ڪهاڻيون لکيون، هن جي ڪهاڻين جي خوبي منظر تصوير جيان تري ايندو هو، اسان کان اڳ وارو نسل به نسيم کي پڙهي پنهنجو وارو وڄائي چڪو ۽ هاڻ اسين به نسيم جا افسانا پڙهون پيا. اسان کانپوءِ ايندڙ نسل به نسيم کي ضرور پڙهندو..
حبيب لغاري . حيدرآباد